شير بادشاهه جو مقبرو

شير بادشاهه جو مقبرو

شير بادشاهه جو مقبرو

شير بادشاهه جو مقبرو (ماڳ): هيءُ مقبرو سيوهڻ کان 32 ڪلوميٽر ۽ جوهي تعلقي جي حدن کان هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي شاهه حسن ڳوٺ جي اتر ۾ ديهه شاهه حسن ۾ واقع آهي. هيءَ مزار منڇر ڍنڍ جي وچ ۾ ٻيٽ نما مٿاڇري ٿلهي تي واقع آهي، جنهن جي ڪل ماپ 6.30x7.10 ميٽر آهي. هن مزار تي صرف ٻيڙيءَ وسيلي وڃي سگهجي ٿو. هن مقبري ۾ مدفن بزرگ بابت ڪا به معلومات نٿي ملي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته شير بادشاهه نالي درويش اعلى پايي جو ڪرامتي بزرگ هو ۽ شينهن جي سواري سندس عام ڪرامتن ۾ شامل هئي، تنهنڪري ‘شير بادشاهه’ جي نالي سان مشهور ٿيو. هن بزرگ جو تعلق ارڙهين صدي سان هو. موجوده وقت ۾ به سندس مزار تي ڪيترائي عقيدتمند اچي حاضري ڀريندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو